شبانه اعظمي

شبانه اعظمي

شبانه اعظمي

شبانه اعظمي: ڀارت جي مقبول ۽ مشهور اداڪاره شبانه اعظمي، 18 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد (هندستان) ۾ مشهور شاعر ڪيفي اعظمي ۽ اسٽيج اداڪاره شوڪت اعظميءَ جي گهر جنم ورتو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم ڪوئين ميري اسڪول ممبئي ۽ گرئجوئيشن جي ڊگري سائيڪالاجيءَ (Psychology) ۾ سينٽ زيويئر ڪاليج ممبئيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد پونا جي هڪ اداري ’فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا’ (F.T.I.I) مان اداڪاريءَ جي سکيا ورتي. شبانه اعظمي مسلمان ڪٽنب ۾ جنم ورتو، پر سندس سکيا سيڪيولر ماحول ۾ ٿي. زندگيءَ جي تجربي ۽ اڀياس منجهس ڌيرج ۽ وسيع نظري پيدا ڪئي. 1973ع ۾ هن ‘فاصله’ نالي فلم سائين ڪئي، پر اها فلم رليز نه ٿي سگهي. 1974ع ۾ ٻيهر فلمي دنيا ۾ پير پاتو ۽ منفرد اداڪاريءَ سان چند سالن اندر جڳ مشهور ٿي وئي. سندس پهرين فلم ‘انُڪر’ 1974ع ۾ رليز ٿي. هن فلمن سان گڏ تقريباً 24 ٽي. وي سيريل ۽ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري ڪئي. شوبز جي رنگارنگ دنيا کان پاسيرو ٿيندي عملي زندگيءَ ۾ هوءَ هڪ سرگرم سماجي ڪارڪن طور ڪم ڪندي نظر اچي ٿي. اسٽيج تي فن جي مظاهري مان حاصل ٿيندڙ آمدني غريبن ۽ زلزلي متاثرن جي بحاليءَ لاءِ خرچ ڪندي رهي آهي. ناجائز قبضن جي خاتمي جي نالي ۾ جڏهن بمبئيءَ جي ڪچين آبادين کي ڊاٺو ويو ته هن بي گهر ماڻهن جي حق ۾ آواز اٿاريو ۽ احتجاجي بک هڙتالون ڪيون، فرقيوار وڳوڙ ٿيا ته امن مارچ جي اڳواڻي ڪندي نظر آئي. هن ممبئيءَ جي فلمي دنيا کان هالي ووڊ تائين پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا ۽ بهترين اداڪاره طور ڪيئي اوارڊ حاصل ڪيا. سندس حاصل ڪيل اوارڊن ۾ فلم انڪر ۾ بهترين اداڪاريءَ تي نيشنل فلم اوارڊ (1975ع)، ‘ارٿ’ فلم ۾ بحيثيت بهرين اداڪاره نيشنل فلم اوارڊ (1983ع) ۽ 1984ع، 1985ع ۽ 1999ع ۾ پڻ بهترين اداڪاره طور نيشنل فلم اوارڊ ماڻيائين. ان کان علاوه ‘سوامي’، ‘ارٿ’ ۽ ‘ڀاونا’ فلم لاءِ فلم فيئر بيسٽ ايڪٽريس اوارڊ ۽ 2006ع ۾ فلم فيئر لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ سميت بيشمار ڏيهي توڙي پرڏيهي اوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي. 1988ع ڌاري کيس فلمي ۽ سماجي خدمتن جي اعتراف طور هندستاني حڪومت طرفان پدم شري اوارڊ، 1994ع ۾ راجيو گانڌي اوارڊ، 2006ع ۾ گانڌي انٽرنيشنل پيس اوارڊ ۽ 2012ع ۾ پدم ڀوشن اوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان علاوه ٻين اعزازن ۾: 2002ع ۾ مشيگن يونيورسٽيءَ طرفان مارٽن لوٿر ڪنگ پروفيسر شپ اوارڊ، 2003ع ۾ يادو پور يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري، 2008ع ۾ جامع مليه يونيورسٽي دهليءَ طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري، 2013ع ۾ متحده امارات (UK) ۾ شاگردن جي تنظيم نيشنل انڊين اسٽوڊنٽس يونين طرفان اعزازي فيلوشپ، سائمن فريسر يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري (2013ع) ۽ ٽيري يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري شامل آهن. هوءَ مذهبي رواداريءَ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر پڻ ڏيندي آهي. شبانه اعظميءَ جي شادي ڀارت جي نامياري فلمي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر، جاويد اختر سان 1984ع ۾ ٿي. هوءَ ممبئيءَ ۾ رهي ٿي. تازو سنڌ جو دورو ڪندي ڀٽ شاهه ۽ مڪلي گهمڻ آئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.09.18  عيسوي

ڀارت جي مقبول ۽ مشهور اداڪاره شبانه اعظمي، 18 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد (هندستان) ۾ مشهور شاعر ڪيفي اعظمي ۽ اسٽيج اداڪاره شوڪت اعظميءَ جي گهر جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انس راڄپر
راءِ سنگهه
شاهنواز ايم ڪي دل
عبدالستار ڏيرو
سيد مراد علي شاهه
سنڌ سوديشي هوزرِي مل
بخشل باغي
خافي خان
ڀائي مولچند عاج وارو
چاڻڪيه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون